ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي سلطان سلمان خان انڪشاف ڪيو آهي ته 2003ع جي فلم ” تيري نام“ ۾ سندس يادگار هيئر اسٽائل اصل ۾ ڀارت جي اڳوڻي صدر ڊاڪٽر عبدالڪلام کان متاثر هو.
نيٽ فلڪس تي نشر ٿيندڙ ”دي گريٽ انڊين ڪپل شو“ جي ٽئين سيزن جي پهرين قسط دوران سلمان خان ٻڌايو ته فلم ” فلم تيري نام “ لاءِ سندس ڊگهن وارن وارو اسٽائيل حقيقت ۾ ڊاڪٽر عبدالڪلام جي هيئر اسٽائل مان متاثر ٿي اپنايو ويو هو.
هن وڌيڪ چيو ته ساڳئي وقت راهول راءِ جو به اهو ئي هيئر اسٽائل هو ۽ مون سوچيو ته ننڍن شهرن جي هيروز جا وار سدائين وڏا ٿيندا آهن، پراڻي زماني جا سڀ اداڪار به وڏا وار رکندا هئا.
واضح رهي ته فلم ” تيري نام“ ۾ سلمان خان” راڌي موهن“نالي هڪ بي روزگار ۽ ويڙهاڪ نوجوان جو ڪردار ادا ڪيو، ساڻس گڏ ڀوميڪا چاولا هيروئن جو ڪردار نڀايو هو.
You might also like