واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ انڪشاف ڪيو آهي ته اسرائيل ايران جي جوهري صلاحيت کي مڪمل طور تباهه ڪرڻ جي طاقت نٿو رکي.
پرڏيهي ميڊيا موجب نيو جرسي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته اسان سدائين امن جا خواهشمند رهيا آهيون پر ڪڏهن ڪڏهن امن قائم رکڻ لاءِ سختي به ضروري ٿي ويندي آهي، ايران خلاف آمريڪي زميني فوج موڪلڻ جو امڪان آخري آپشن هوندو.
هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ايران کي ڪجهه وقت ڏئي رهيا آهيون ته جيئن صورتحال جو جائزو وٺي سگهجي، منهنجي خيال ۾ وڌ کان وڌ ٻه هفتا لڳندا، ان کان وڌيڪ نه.
ٽرمپ دعويٰ ڪئي ته اسرائيل وٽ ايران جي زمين اندر موجود جوهري اثاثن کي تباهه ڪرڻ جي صلاحيت ناهي، ان ڪم لاءِ ان وٽ محدود صلاحيت آهي، شايد اهي ڪنهن ننڍي حصي کي ٽوڙي سگهن پر اهي گهرائي تائين نٿا وڃي سگهن.
پر هن اميد ظاهر ڪئي ته شايد اهڙي ڪارروائي جي ضرورت نه پئي، شايد ائين ڪرڻ ضروري نه هجي.
You might also like