نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي حڪومت پنهنجي هوڏ تي قائم رهندي سنڌ طاس معاهدو بحال نه ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ڀارتي گهرو وزير امِت شاهه واضح لفظن ۾ چيو آهي ته ڀارت پاڪستان سان سنڌ طاس معاهدو ڪڏهن به بحال نه ڪندو ۽ پاڪستان ڏانهن ويندڙ پاڻي کي ڀارت جي اندورني استعمال لاءِ منتقل ڪيو ويندو.
ڀارتي ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي امِت شاھه چيو ته جيڪو پاڻي پاڪستان ڏانهن وڃي ٿو، اهو هاڻي راجسٿان رياست ڏانهن کڻي وينداسين، ان لاءِ نئون ڪئنال ٺاهي رهيا آهيون، پاڪستان کي اهو پاڻي نه ملندو، جنهن تي ان جو ڪو حق ئي ناهي.
واضح رهي ته 22 اپريل تي والاريل ڪشمير جي علائقي پهلگام ۾ هڪ سياحتي ماڳ تي فائرنگ جي واقعي ۾ 26 ڀارتي شهري ڄڻا مارجي ويا هئا، جنهن کانپوءِ ڀارت بنا ڪنهن ثبوت جي واقعي جو الزام پاڪستان مٿان مڙهيندي پاڻمرادو سنڌ طاس معاهدو معطل ڪري ڇڏيو هو.
پاڪستان جو موقف آهي ته سنڌ طاس معاهدو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ هڪ بين الاقوامي معاهدو آهي، جنهن کي ڀارت اڪيلو ختم نٿو ڪري سگهي.
ياد رهي ته 1960ع ۾ طئي ٿيل اِهو معاهدو عالمي بئنڪ جي ٽياڪڙي سان وجود ۾ آيو هو ۽ ان ۾ تبديلي رڳو ٻنهي ملڪن جي راضپي سان ئي ممڪن آهي.
ڀارت جو سنڌ طاس معاهدو بحال نه ڪرڻ جو اعلان، پاڪستان کي اهو پاڻي نه ملندو، جنهن تي ان جو ڪو حق ئي ناهي: امت شاهه
You might also like