فيفا پاڪستان فٽبال جي ترقيءَ ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جو خواهشمند

ميامي (ويب ڊيسڪ) فيفا جي صدر جياني انفنٽينو پاڪستان فٽبال جي ترقيءَ ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪئي آهي.
ڪلب ورلڊ ڪپ دوران ميامي ۾ پاڪستان فٽبال فيڊريشن جي صدر محسن گيلاني ۽ فيفا جي صدر جياني انفنٽينو وچ ۾ ملاقات ٿي، جنهن دوران پاڪستان فٽبال سان لاڳاپيل مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
جياني انفنٽينو پاڪستان فٽبال فيڊريشن سان سهڪار لاءِ پاڪستاني حڪومت سان رابطو ڪرڻ جي خواهش پڻ ظاهر ڪئي.
ان موقعي تي جياني انفنٽينو چيو ته محسن گيلاني سان ملاقات دوران وومينز فٽبال سميت فيفا سيريز ۾ پاڪستاني ٽيم جي شموليت بابت به ڳالهيون ٿيون.
محسن گيلاني کيس پاڪستان فٽبال جي ترقيءَ لاءِ پنهنجي منصوبابندي بابت آگاهه ڪيو.
فييفا جي صدر اميد ظاهر ڪندي چيو ته محسن گيلاني جو تجربو پاڪستان فٽبال لاءِ فائديمند ثابت ٿيندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.