پئرس (ويب ڊيسڪ) فرانسيسي صدر ايمانوئل ميڪرون ايراني همنصب مسعود پزشڪيان سان ٽيليفونڪ رابطو ڪندي يورپ ۽ ايران وچ ۾ ڳالهين جي رفتار تيز ڪرڻ تي زور ڏنو آهي.
فرانسيسي صدارتي آفيس موجب، ڳالهه ٻولهه دوران صدر ميڪرون چيو ته ايران کي سموريون ضمانتون ڏيڻيون پونديون ته سندس جوهري پروگرام مڪمل طور پُرامن هوندو.
صدر ميڪرون زور ڏنو ته ايران جوهري هٿيار حاصل نه ڪندو.
ميڪرون ايراني صدر کي اپيل ڪئي ته هو يورپ ۽ ايران جي وچ ۾ سفارتي رابطا تيز ڪري ته جيئن موجوده خطري کي گهٽائي سگهجي.
فرانسيسي صدر جو وڌيڪ چوڻ هو ته هن کي پڪ آهي ته وڏي تباهي کان بچڻ ۽ جنگ جي صورتحال مان نڪرڻ لاءِ رستو موجود آهي.