اسرائيل کي گڏيل قومن جي چارٽر مطابق جواب ڏئي رهيا آهيون: ايران

جنيوا (ويب ڊيسڪ) ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو آهي ته اسرائيل جي طرفان ايران تي حملو ”انساني تهذيب لاءِ هڪ تاريخي لمحو“ آهي، جنهن جي روشني ۾ ملڪن کي عالمي قانونن جي حمايت لاءِ بيهڻ گهرجي.
عباس عراقچي گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪائونسل کي خطاب ڪندي چيو ته ايران تي اهو حملو ان وقت ڪيو ويو، جڏهن سندن ملڪ جو آمريڪا سان جوهري صلاحيت بابت سفارتي عمل جاري هو.
ايراني وزير اسرائيل جي ان اوچتي حملي کي جارحاڻي ڪارروائي قرار ڏيندي گڏيل قومن جي چارٽر جي سنگين ڀڃڪڙي به قرار ڏنو.
ٻئي پاسي ايران ۽ اسرائيل وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ بابت ڳالهين جو عمل جلد شروع ٿيڻ وارو آهي، پر ٻنهي ڌرين جي موقفن ۾ اڃا تائين واضح وڇوٽيون موجود آهي.
اسرائيلي اختيارين جو چوڻ آهي ته هو ايران اندر پنهنجا سڀ هدف حاصل نه ڪري سگهيا آهن، ان ڪري حملن جو سلسلو جاري رکڻ جو ارادو رکن ٿا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.