مشهور پاڪستاني اداڪارا جو پنهنجي گهر مان هڪ هفتو پراڻو لاش هٿ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي گلشن اقبال ۾ هڪ رهائشي فليٽ مان ملندڙ لاش سينيئر اداڪارا عائشا خان جو آهي، پوليس سندس سڃاڻپ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.
پوليس موجب، اداڪارا جو لاش هفتو پراڻو آهي، هوءَ گهر ۾ اڪيلي رهندي هئي، لاش مان ڌپ اچڻ تي پاڙي وارن سندس مائٽن کي اطلاع ڏنو، جنهن بعد پوليس موقعي تي پهچي سندس مڙهه تحويل ۾ ورتو.
اداڪارا عائشا خان جو لاش جناح اسپتال کان سراب ڳوٺ ايڌي سردخاني منتقل ڪيو ويو آهي.
واضح رهي ته خميس ڏينهن عائشا خان جي دوست ۽ ساٿي فنڪارا تهمينا خالد سندس لاڏاڻي جي تصديق ڪئي هئي.
هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن ٻڌايو ته عائشا خان پنج ڏينهن اڳ ئي ڪراچيءَ ۾ لاڏاڻو ڪري وئي هئي.
واضح رهي ته اداڪارا عائشا خان جي عمر 77 سال هئي، هن ڪيترن ئي يادگار ڊرامن جهڙوڪ افشان، عروسه، فيملي 93، مهندي ۽ ٻين ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاري چڪي هئي.
هوءَ گذريل ڪجهه سالن کان ڊرامن پري هئي، جڏهن ته مرحومه پاڪستان ٽيليويزن جي مشهور اداڪارا خالده رياست جي وڏي ڀيڻ هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.