اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف سان ڳالهه ٻولهه دوران آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو چيو آهي ته پاڪستان وچ اوڀر ۾ امن جي هر ڪوشش ۾ تعميري ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي.
آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو طرفان وزيراعظم شهباز شريف کي فون ڪئي وئي، جنهن دوران وزيراعظم صدر ڊونلڊ ٽرمپ لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي پاڪ-ڀارت جنگ جو خطرو ٽارڻ لاءِ پرڏيهي وزير جي سفارتي ڪوششن جي ساراهه ڪئي.
وزيراعظم چيو ته صدر ٽرمپ جا پاڪستان بابت هاڪاري بيان ڏکڻ ايشيا ۾ امن لاءِ اتساهيندڙ آهن، پاڪستان ڀارت سان سمورن معاملن تي نتيجا ڏيندڙ ڳالهين لاءِ تيار آهي.
هن چيو ته والاريل ڪشمير، سنڌ طاس معاهدي، واپار ۽ دهشتگردي سميت اهم مسئلن تي ڳالهيون ٿيڻ گهرجن.
شهباز شريف ايران-اسرائيل بحران جي پُرامن حل تي زور ڏيندي چيو ته پاڪستان وچ اوڀر ۾ امن لاءِ هر تعميري قدم ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي.
وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا کي واپار، توانائي، آءِ ٽي ۽ معدنيات جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ گهرجي.
هن پابندي مڙهيل تنظيمن بي ايل اي، ٽي ٽي پي ۽ ٻين شدت پسند گروپن خلاف ڪارروائي جاري رکڻ جو عزم ورجايو ۽ چيو ته پاڪستان ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ پرعزم آهي.
وزيراعظم فيلڊ مارشل عاصم منير جي صدر ٽرمپ سان ملاقات کي هاڪاري قرار ڏنو.
پڌرائي موجب، پاڪ-آمريڪا لاڳاپن کي عملي سهڪار ۾ تبديل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو، جڏهن ته وزيراعظم صدر ٽرمپ کي پاڪستان جي دوري جي ٻيهر دعوت ڏيندي آمريڪي پرڏيهي وزير کي به جلد پاڪستان اچڻ جي دعوت ڏني.
آمريڪي پرڏيهي وزير پاڪستان جي دهشتگردي خلاف ڪوششن جي واکاڻ ڪندي چيو ته آمريڪا پاڪستان سان هر قسم جي دهشتگردي جي خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ مڪمل سهڪار جاري رکندو.
مارڪو روبيو چيو ته پاڪستان پنهنجي ايران سان ويجهن لاڳاپن وسيلي خطي ۾ امن جي قيام لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي، آمريڪا به علائقائي ۽ عالمي امن لاءِ پاڪستان سان ويجهو تعاون جاري رکندو.