پئرس (ويب ڊيسڪ) فرانسيسي صدر ايمانوئل ميڪرون چيو آهي ته جنيوا ۾ اڄ ٿيندڙ يورپي سفارتي ڳالهين دوران فرانس ۽ ان جا يورپي اتحادي ايران کي اسرائيل سان ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ لاءِ سفارتي تجويز پيش ڪندا.
پرڏيهي ميڊيا موجب، صدر ميڪرون طرفان ايران-اسرائيل ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ جيڪا تجويز پيش ڪئي ويندي، اها چئن اهم نڪتن تي ٻڌل هوندي.
تجويز جي چئن اهم نڪتن ۾ گڏيل قومن جي جوهري اداري آءِ اي اي اي جي نگراني هيٺ ايران پاران يورينيم جي افزودگي روڪڻ، ايران جي بيلسٽڪ ميزائل سرگرمين جي نگراني سان لاڳاپيل آهي، جڏهن ته خطي ۾ ايران طرفان پراڪسي عسڪري گروهن کي ڏني ويندڙ مالي مدد بند ڪرڻ سميت ايران جي جيلن ۾ قيد پرڏيهي شهرين سميت يرغمال بڻايل ماڻهن جي آزادي يقيني بڻائڻ جو مطالبو شامل آهي.
ايمانوئل ميڪرون صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ايران کي ڳالهين جي ميز تي اچڻ لاءِ راضپو ڏيکارڻ گهرجي، ته جيئن خطي ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ جو پرامن ۽ سفارتي حل نڪري سگهي.
ميڪرون متحرڪ، جنيوا ۾ ايران-اسرائيل ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ چار نڪاتي سفارتي منصوبو تيار
You might also like