اسرائيل ۾ ايراني حملي جا سائرن، اينڪر ۽ مهان نشريات ڇڏي ڀڄي ويا

تل ابيب (ويب ڊيسڪ) اسرائيل ۾ ميزائل حملي جي خطري بابت سائرن وڄندي ئي ٽي وي نشريات دوران اينڪر ۽ مهمان ڊپ وچان اسٽوڊيو ڇڏڻ تي مجبور ٿي ويا.
مائڪرو بلاگنگ ويب سائيٽ ايڪس تي شيئر ڪيل هڪ وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته اسرائيلي نيوز چينل 14 تي جاري نشريات دوران ايران جي ميزائل حملي بابت اطلاع لاءِ جيئن ئي سائرن وڳا، تيئن اسٽوڊيو ۾ موجود اينڪرن ۽ مهمانن تي ڏهڪاءُ ڇانئجي ويو.
سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙ وڊيو شيئر ڪندي لکيو ” اسرائيلي ٽي وي تي لائيو مباحثي دوران جيئن ئي ايران جي ميزائلن جي خطري بابت سائرن وڄڻ لڳا، ته ميزبان ۽ مهمان ترت اسٽوڊيو ڇڏي هليا ويا ۽ پروگرام بند ڪيو ويو.“

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.