تهران (ويب ڊيسڪ) يران جي تشخيصِ مصلحت نظام ڪائونسل جي رڪن محسن رضائي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ايران ”وعدهِ صادق ٿري“آپريشن تحت اسرائيل تي 400 ميزائل ۽ 600 ڊرون فائر ڪيا آهن.
محسن رضائي دعويٰ ڪئي آهي ته ايراني حملن ۾ 50 اسرائيلي مارجي ويا ۽ 2 هزار کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن، جڏهن تازا حملا ايراني فوجي طاقت جو رڳو هڪ محدود حصو ظاهر ڪري ٿو.
هن وڌيڪ چيو ته ايران پنهنجي اصل فوجي صلاحيت جو 30 سيڪڙو کان به گهٽ استعمال ڪيو، جڏهن ته ڳجهي صلاحيت جو رڳو 5 سيڪڙو کان به گهٽ حصو استعمال ڪيو ويو آهي.
محسن رضائي چيو ته ڪنهن سوچيو به نه هو ته چئن تهن (ليئرز) وارا اسرائيلي فوجي مرڪز به ايران جي ميزائلن سان تباهه ٿي سگهن ٿا، پر ايراني ميزائل اهو ثابت ڪري ڏيکاريو.