بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چيني صدر شي جن پنگ ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ تي خاموشي ٽوڙيندي ٻنهي ڌرين کان فوري جنگبندي (سيز فائر) جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽ موجب، چيني جي صدر شي جن پنگ ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ جاري جنگ تي فوري طور سيز فائر جو مطالبو ڪيو آهي. واضح رهي ته ايران ۽ اسرائيل وچ ۾ جاري جنگ هاڻي پنهنجي ٻئي هفتي ۾ داخل ٿي چڪي آهي ۽ ٻنهي ملڪن طرفان هڪ ٻئي جي مقرر ڪيل هدفن کي نشانو بڻايو پيو وڃي. رپورٽن موجب، امڪاني خطري کي نظر ۾ رکندي چين سميت ڪيترن ئي ملڪن پنهنجي شهرين کي ايران ۽ اسرائيل ڇڏڻ جي هدايت جاري ڪري ڇڏي آهي.
You might also like