ايران اسرائيل جنگ جو خطي تي اثر ، پاڪستان، افغانستان ۽ چين لاءِ نوان خطرا

تحرير: احسن انصاري

 ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ تازو جنگ رڳو ٻن ملڪن جي وچ ۾ تڪرار ناهي، پر ان جا اثر سڄي خطي تي پئجي رهيا آهن، خاص طور تي پاڪستان، افغانستان ۽ چين جهڙا ملڪ سڌي يا اڻ سڌيءَ ريت هن بحران کان متاثر ٿي رهيا آهن. هن صورتحال ۾ سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته جيڪڏهن هيءَ جنگ ڊگهي ٿي وئي يا ان ۾ وڌيڪ ملڪ شامل ٿيا ته نه رڳو علائقائي استحڪام متاثر ٿيندو، پر خطي جون وڏيون معاشي رٿائون، جيئن ته "چائنا-پاڪستان اقتصادي راهداري” (CPEC) پڻ خطري ۾ پئجي سگهن ٿيون.

پاڪستان لاءِ هي صورتحال سفارتي ۽ سيڪيورٽي ٻنهي لحاظ سان وڏو چئلينج بڻجي چڪي آهي. هڪ طرف ايران پاڪستان جو پاڙيسري ملڪ آهي، جنهن سان مذهبي ۽ ثقافتي لاڳاپا به آهن، ته ٻي طرف ايران جي خلاف سخت پاليسي سبب پاڪستان تي خليجي ملڪن ۽ مغربي طاقتن جو دٻاءُ وڌي سگهي ٿو. اهڙي وقت ۾ غيرجانبدار رهڻ پاڪستان لاءِ ڏکيو ٿي رهيو آهي. وڌيڪ اهو ته ايران سان لڳندڙ بلوچستان ۾ جيڪڏهن استحڪام وڌي ٿو ته ان جو سڌو اثر پاڪستان جي اندوني سلامتي تي پئجي سگهي ٿو. ايران تي حملن جي شدت ۽ تسلسل سبب هي خدشو به وڌي ويو آهي ته وڏي انگ ۾ ايراني شهري پنهنجو ملڪ ڇڏڻ تي مجبور ٿي سگهن ٿا. جيڪڏهن جنگ وڌيڪ ڊگهي ٿي ته ايران مان هزارين پناهگير پاڪستان جو رخ ڪري سگهن ٿا، خاص طور تي بلوچستان جي سرحدي رستن وسيلي. هي صورتحال پاڪستان لاءِ نئون انساني، سلامتي ۽ معاشي بحران بڻجي سگهي ٿي. پناهگيرن کي آباد ڪرڻ، انهن جي نگراني ڪرڻ ۽ بنيادي سهولتون مهيا ڪرڻ اڳ ۾ ئي معاشي مسئلن جو شڪار حڪومت لاءِ آسان نه ٿيندو.

جون 2025 جي شروعات ۾ رپورٽون سامهون آيون ته ايران-پاڪستان سرحدي واپار، جيڪا اڳ ۾ ئي ڪمزور هئي، هاڻي تقريباً معطل ٿي چڪي آهي. ڪيترن زميني بارڊر ڪراسنگز، جيئن ته "تفتان”، تي واپاري سرگرميون بند ٿي ويون آهن. ايراني واپاري ۽ ٽرڪ ڊرائيور حفاظتي خدشن جي ڪري پاڪستان نٿا اچن، ۽ پاڪستاني شين جي برآمد به متاثر ٿي آهي. ايراني مارڪيٽ ۾ پاڪستاني زرعي جنسن، ڪپهه ۽ چانورن جي طلب گهٽجي وئي آهي، جڏهن ته ايراني پيٽروليم شين جي غير رسمي ترسيل به بند ٿي وئي آهي.

چائنا پاڪستان اقتصادي راهداري (CPEC) جي حوالي سان به هي جنگ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿي. ڇاڪاڻ⁠تہ مغربي روٽ، جيڪو گوادر کان خنجراب تائين آهي، ايران جي سرحد جي ويجهو گذري ٿو، تنهنڪري جيڪڏهن ايران ۾ مڪمل جنگ شروع ٿي وئي ته گوادر پورٽ سميت ٻين تنصيبات جي سلامتي خطري ۾ پئجي سگهي ٿي. ايران وسيلي مستقبل جي امڪاني علائقائي واپار جا اميدوار به متاثر ٿي سگهن ٿا.

افغانستان جي صورتحال به ڪافي نازڪ آهي. طالبان جي عبوري حڪومت اڃا تائين عالمي سطح تي مڪمل طور تسليم نه ٿي آهي ۽ ملڪ جي معيشت ڪمزور آهي. ايران تي حملن جي صورت ۾ افغان پناهگيرن جي هڪ نئين لهر پيدا ٿي سگهي ٿي، جڏهن ته دهشتگرد گروهن جي ٻيهر سرگرم ٿيڻ جو به خدشو وڌي سگهي ٿو. طالبان تي به ايران يا ٻين ملڪن طرفان دٻاءُ وڌي سگهي ٿو ته هو ڪنهن هڪ پاسي بيهن يا گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي سرزمين کي استعمال ٿيڻ نه ڏين.

افغانستان وسيلي وچ ايشيا تائين چين جي رسائي ۽ خطي ۾ امن جي اميدون CPEC جي متبادل امڪان طور ڏٺيون پئي ويون، پر جيڪڏهن خطو اڻاستحڪام جو شڪار ٿي وڃي ٿو ته اهي اميدون به التوا جو شڪار ٿي سگهن ٿيون. چين لاءِ به هي جنگ ڪيترن ئي پاسن کان اهميت رکي ٿي. چين ايران سان تيل، گيس ۽ بنيادي ڍانچي بابت ڪيترائي معاهدا ڪيا آهن، ۽ بيلٽ اينڊ روڊ انيشئيٽو جي تحت ايران، پاڪستان ۽ وچ ايشيا کي پاڻ ۾ ڳنڍڻ جو خواب ڏٺو ويو آهي. پر اسرائيل-ايران ڇڪتاڻ جي ڪري اهي سڀ منصوبا خطري ۾ اچي سگهن ٿا. چين جا اسرائيل سان به واپاري لاڳاپا آهن، تنهنڪري هو اڃا تائين ڪنهن هڪ ڌُر جي کليل حمايت کان پاسو ڪري رهيو آهي. پر جيڪڏهن جنگ ڊگهي ٿي وئي ته چين تي به دٻاءُ وڌي سگهي ٿو ته هو ڪنهن هڪ طرف بيهي.

 آمريڪا ۽ ان جا اتحادي هن وقت يوڪرائين ۾ روس جي خلاف سڌي مداخلت ۾ مصروف آهن، پر اسرائيل سان انهن جا لاڳاپا ڪنهن کان لڪل ناهن. ٿي سگهي ٿو ته آمريڪا سڌيءَ طرح ايران تي حملن ۾ حصو نه ورتو هجي، پر اسرائيل کي سياسي يا ڳجهي مدد ضرور حاصل رهي آهي. هن پسمنظر ۾ هي جنگ يوڪرائين، غزه ۽ ايران جي تڪرارن کي هڪ ئي عالمي لاڳاپي ۾ ڳنڍي ٿي نظر اچي.

 ايران اسرائيل جنگ جا اثر ڪنهن هڪ ملڪ تائين محدود نه رهندا. پاڪستان، افغانستان ۽ چين به هن ڌڪ جي لپيٽ ۾ اچي سگهن ٿا، خاص طور تي جيڪڏهن صورتحال ڪنٽرول کان ٻاهر ٿي وئي. ايراني پناهگيرن جي امڪاني آمد، CPEC کي لاحق خطرا، ۽ علائقائي ڇڪتاڻ پاڪستان لاءِ وڏا چئلينج بڻجي سگهن ٿا. جيڪڏهن انهن ملڪن بروقت گڏيل ۽ موثر حڪمت عملي نه اختيار ڪئي ته هي بحران رڳو وچ اوڀر تائين محدود نه رهندو پر سڄي ايشيا کي پنهنجي لپيٽ ۾ وٺي سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.