ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي پنجابي سنگر ۽ اداڪار دلجيت دوسانجهه کي پاڪستاني فنڪارن سان فلم ۾ ڪم ڪرڻ سبب بالي ووڊ مان بليڪ لسٽ ڪرڻ جون ڌمڪيون ملي رهيون آهن.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، پنجابي موسيقي ۽ فلم انڊسٽري جو وڏو نالو دلجيت دوسانجهه ايندڙ فلم ”سردار جي ٿري“۾ پاڪستاني اداڪارن کي شامل ڪرڻ سبب تنقيد ڪندڙن جي نشاني تي آهي
ڀارتي فلمي برادري، خاص طور تي” فيڊريشن آف ويسٽرن انڊيا سني ايمپلائز“ طرفان دلجيت کي چتاءُ ڏيندچيو ويو آهي ته جيڪڏهن هن پاڪستاني فنڪارن ساڻ ڪم جاري رکيو ته کيس انڊسٽري مان نيڪالي ڏني ويندي.
ايف ڊبليو آءِ سي ايِ جي صدر اين تيواري جو چوڻ آهي ته پاڪستاني فنڪارن سان ڪم ڪرڻ ملڪ سان غداري ڪرڻ برابر آهي ۽ اهڙي قدم جي مخالفت ڪندڙن کي فلم انڊسٽري مان بليڪ لسٽ ڪيو ويندو.
تنظيم طرفان سينٽرل بورڊ آف فلم سرٽيفڪيشن( سِ بِي ايف سِي) کي خط لکي مطالبو ڪيو ويو آهي ته فلم ”سردار جي ٿري“ رليز جي اجازت نه ڏني وڃي.
ياد رهي ته دلجيت دوسانجهه جي فلم ”سردار جي ٿري“ ذريعي پاڪستاني اداڪارا هانيا عامر بالي ووڊ ۾ پنهنجو ڊيبيو ڪرڻ واري هئي، پر ڀارتي والاريل ڪشمير جي علائقي پهلگام ۾ سياحن تي حملي کانپوءِ ڀارت ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستاني فنڪارن تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.
ٻنهي ملڪن ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال سبب پاڪستاني اداڪار فواد خان ۽ ڀارتي اداڪارا واني ڪپور جي فلم عبير گلال جي شوٽنگ پڻ اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪئي وئي آهي.
You might also like