ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته بجيٽ تي تنقيد ڪرڻ مخالف ڌر جو حق آهي، پر اسان سنڌ بجيٽ ۾ عوام کي رليف ڏنو آهي.
ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت طرفان پيش ڪيل بجيٽ ۾ عام ماڻهن کي رليف ڏنو ويو آهي، جڏهن ته اپوزيشن طرفان ڪئي ويندڙ تنقيد بي بنياد ۽ اجائي آهي.
هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سڀاڻي ملڪ واپس پهچي رهيو آهي، ۽ پارٽي قيادت سندس شاندار آجيان جو فيصلو ڪيو آهي.