ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪياماڙي پوليس عورت کي قتل ڪري لاش سمنڊ ۾ اڇلائيندڙ مفرور جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو.
ايس ايس پي انويسٽيگيشن ڪياماڙي اظهر جاويد موجب سال 2022 ۾ عورت نصيب زرينا گهر مان سودو وٺڻ نڪتي، جيڪا گم ٿي وئي هئي.
سندس چوڻ هو ته عورت جو لاش ٻئي ڏينهن بابا ڀٽ ٻيٽ وٽان سمنڊ مان مليو هو، ڪيس اڻڄاتل جوابدارن خلاف داخل ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ ڊاڪس ٿاڻي جي جاچ ٽيم ملوث جوابدارن جو پتو لڳايو ۽ هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو هو، جڏهن ته ٻيو جوابدار رحمان بلال ٻاهرئين ملڪ فرار ٿي ويو هو.
هن ٻڌايو ته جوابدار رحمان کي ٻاهرئين ملڪ مان واپسي تي ٽيڪنيڪي ۽ انٽيليجنس بنيادن تي پتو لڳائي سندس گهر مان گرفتار ڪيو ويو آهي.
Prev Post
You might also like