ڪانگو وائرس ڇا آهي ۽ ان کان ڪيئن بچجي؟

ڪانگو وائرس جو سائنسي نالو ”ڪريمين هيمريجگ ڪانگو فيور“ آهي، جنهن جا 4 قسم آهن، ان بيماري ۾ جسم مان رت نڪرڻ شروع ٿي ويندو آهي ۽ رت وهڻ سان مريض فوت به ٿي سگهي ٿو.
اهو وائرس گهڻي ڀاڱي آفريقا، ڏکڻ آمريڪا، وچ اوڀر، يورپ ۽ ايشيا ۾ هوندو آهي، ان بيماري کي آفريقي ملڪن جي بيماري به چيو ويندو آهي، اهو وائرس سڀ کان پهريان 1944 ۾ ڪريميا ۾ سامهون آيو، جنهن سبب ان جو نالو ڪريمين هيمرج رکيو ويو.
ماهرن جو چوڻ آهي ته ڪانگو وائرس جو ٽڪس (هڪ قسم جو جيت) جنهن کي ”چچڙ“ به چيو ويندو آهي، جانورن جي جلد تي هوندو آهي، اهو جيت ئي بيماري جي پکيڙ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو آهي، اهو جيت جيڪڏهن انسان کي چڪي يا جانور زبح ڪندي بي احتياطي سبب قاصائي جي هٿ تي ڪٽ لڳي وڃي ته اهو وائرس انساني رت ۾ شامل ٿي ويندو آهي.
ائين ڪانگو وائرس جانور کان انسانن ۽ هڪ انسان کان ٻئي انسان ۾ منتقل ٿي ويندو آهي.
ڪانگو وائرس جو مريض تيز بخار ۾ مبتلا ٿي ويندو آهي، ان کي مٿي ۾ سور، الٽي، ڪمزوري محسوس ٿيندي آهي، وات ۾ داڻا نڪرندا آهن ۽ اکيون سُڄي وينديون آهن، تيز بخار سبب جسم ۾ وائيٽ سيلز جو انگ انتهائي گهٽجي ويندو آهي، جنهن سان رت ڄمڻ جي صلاحيت متاثر ٿيندي آهي، متاثر مريض جي جسم مان رت نڪرندو آهي ۽ ڪجهه ئي عرصي ۾ ان جا ڦڦڙ به متاثر ٿي ويندا آهن، جڏهن ته جگر ۽ گڙدا به ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏيندا آهن ۽ ائين مريض موت جي منهن ۾ هليو ويندو آهي، تنهن ڪري هر شخص کي احتياط ڪرڻ گهرجي.
احتياط ۾ ڪانگو سان متاثر مريض سان هٿ نه ملائجي، مريض جي سار سنڀال ڪندي هٿن تي دستانا پائجن، مريض جي عيادت کانپوءِ چڱي طرح هٿ ڌوئي ڇڏجن، ڊگهين ٻانهن واري قميص پائجي، جانورن جي موجودگي واري هنڌ انهن کان پاسو ڪرڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.