ڪينبرا (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي ٽاپ ڪرڪيٽرن کي آسٽريلوي بگ بيش ليگ (بي بي ايل) لاءِ مختلف فرنچائزز طرفان چونڊيو ويو آهي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، اڳوڻو ڪپتان ۽ فاسٽ بولر شاهين شاهه آفريدي، حارث رئوف، بيٽر بابر اعظم ۽ وڪيٽ ڪيپر محمد رضوان پلاٽينم ڪيٽيگريءَ ۾ چونڊيا ويا آهن.
ليگ ۾ پهريون ڀيرو شرڪت ڪندڙ شاهين آفريدي برسبين هيٽ جي نمائندگي ڪندو، جڏهن ته حارث رئوف اڳي وانگر هڪ ڀيرو ٻيهر ميلبورن اسٽارز طرفان ئي کيڏندو.
وڪيٽ ڪيپر ۽ بيٽر محمد رضوان کي ميلبورن رينيگيڊز پنهنجي اسڪواڊ جو حصو بڻايو، پاڪستان جو ٻيو رانديگر حسان خان به ساڳي ٽيم ۾ شامل آهي.
اڳوڻو ڪپتان شاداب خان سڊني ٿنڊر طرفان ايڪشن ۾ نظر ايندو، جڏهن ته بابر اعظم اڳ ئي سڊني سڪسرز سان معاهدو ڪري چڪو آهي ۽ هاڻي هو بي بي ايل ۾ سڊني سڪسرز جي نمائندگي ڪندو.
ان کانسواءِ فاسٽ بولر حسن علي ايڊيليڊ اسٽرائيڪرز جو حصو بڻجي ويو آهي.
You might also like