بيجنگ ويب ڊيسڪ (ويب ڊيسڪ) ايران-اسرائيل تڪرار تي چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو آهي ته ٻئي ڌريون خاص طور تي اسرائيل ترت ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ قدم کڻي۽ اسرائيل کي گهرجي ته هو علائقي جي ماڻهن جي مفادن کي ترجيح ڏئي.
چيني پرڏيهي وزارت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته چين عالمي لاڳاپن ۾ طاقت جي استعمال يا ان جي ڌمڪي جي مخالفت ڪري ٿو.
بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته چين اهڙن هڙني قدمن جي مخالفت ڪري ٿو، جيڪي ملڪن جي خودمختياري، سلامتي ۽ علائقائي سالميت کي نقصان پهچائين ٿا.
You might also like