اسلام آباد(بيورو+م ڊ)سينيٽ جي ناڻي بابت ڪميٽي ملڪ جي وڏن ڪلبن تي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي تجويز منظور ڪري ڇڏي، ڪميٽي جو اجلاس سينيٽر سليم مانڊوي والا جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ چيئرمين ايف بي آر راشد محمود لنگڙيال بريفنگ ڏيندي چيو ته اسلام آباد ڪلب سميت ڪيترائي ڪلب صرف 3 هزار ماڻهن جي عياشي لاءِ ٺاهيا ويا آهن، جتي اربين رپيا انهن جي اڪائونٽن ۾ پيا آهن، هن وڌيڪ چيو ته هڪ هڪ ملين ڊالرن جي زمين تي چند ماڻهو عياشي ڪري رهيا آهن، ڪنهن به ڪلب جي منافع تي هاڻ ٽيڪس لڳايو ويندو، اجلاس دوران ٻڌايو ويو ته وفاقي حڪومت هلندڙ بجيٽ ۾ سولر پينلن تي لڳايل ٽيڪس ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪيو آهي، ان کان علاوه، چيئرمين ايف بي آر ٻڌايو ته ايندڙ بجيٽ ۾ 6 لک رپيا سالياني آمدني تي ٽيڪس جي ڇوٽ جي تجويز آهي، جڏهن ته 6 کان 12 لک رپيا سالياني آمدني تي 2.5 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ٿيندو. هن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن جي ماهوار تنخواه هڪ لک رپيا آهي ته هڪ هزار رپيا ٽيڪس ڏيڻ سان آسمان نٿو ڪري پوي.