واشنگٽن(م ڊ)نوبل انعام يافتا سماجي ڪارڪن ملاله يوسفزئي چيو آهي ته اسرائيل ۽ ايران جي وچ ۾ جيڪي حالتون آهن يا غزا ۾ جيڪا صورتحال آهي، ان سڀ ۾ آمريڪا جو ڪردار بيحد مايوس ڪندڙ آهي، تازو ملالا برطانوي اخبار فنانشل ٽائمز لائيو جي بزنس سمٽ ۾ شرڪت ڪئي، ان دوران ميزبان ملالا کان پڇيو ته ڇا هوءَ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ لاءِ ڪو پيغام ڏيڻ چاهيندي؟ جواب ۾ ملالا چيو اسان سڀ ڄاڻون ٿا ته دنيا ۾ ڇا ٿي رهيو آهي، هتي ويهي اسان عورتن ۽ ڪاروبار بابت ڳالهائي رهيا آهيون ۽ سڀ ڪجهه بهتر لڳي رهيو آهي، پر جڏهن اسين هن ڪمري کان ٻاهر نڪرنداسين ته دنيا جون ڪيترين ئي پريشانين سان منهن ڏيڻو پوندو،هن چيو ته ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، يا غزا ۾ جاري تباهي يا افغانستان ۾ عورتن سان ٿيندڙ سلوڪ ، اها فهرست اڃا به ڊگهي آهي، جيڪڏهن ان سڀ ۾ آمريڪا جو ڪردار ڏسجي ته اها نهايت مايوس ڪندڙ آهي، آمريڪا وٽ جيڪا طاقت آهي ، ان باوجود امن قائم ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي.