ڪراچي ۾ اسرائيلي جارحيت ۽ ايران تي حملي خلاف احتجاج

ڪراچي(رپورٽر) ڪراچيءَ ۾ اسرائيل جي جارحيت ۽ ايران تي حملي خلاف وڏي پيماني تي احتجاجي مظاهرو ٿيو، جنهن ۾ شهرين سان گڏ علما ڪرام به وڏي انگ ۾ شريڪ ٿيا، مظاهرين فلسطين ۽ پاڪستان جا جهنڊا هٿن ۾ کڻي اسرائيل خلاف نعرا هڻندا رهيا، نمائش چورنگي تي ٿيل هن احتجاجي مظاهري ۾ شرڪت ڪندڙن اسرائيل جي فلسطين ۾ بربريت ۽ ايران تي حملن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته هو مظلوم فلسطيني ۽ ايراني عوام جي حمايت لاءِ عملي قدم کڻن،احتجاجي ريليءَ ۾ مذهبي جماعتن سان لاڳاپيل علما سميت ڪيترن ئي شهرين شرڪت ڪئي، شرڪت ڪندڙن جو چوڻ هو ته اسرائيل جو اصل چهرو هاڻ سڄي دنيا جي سامهون وائکو ٿي چڪو آهي،مقررِين خطاب ڪندي چيو ته اسلامي دنيا جي خاموشي کي ڪو ڪمزوري نه سمجهيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.