تهران/تل ابيب (ويب ڊيسڪ) اسرائيل ۽ ايران جي وچ ۾ وڌندڙ تڪرار سبب ڪيترن ئي ملڪن پنهنجي شهرين کي ٻنهي ملڪن مان ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
چيڪ ريپبلڪ جي حڪومت جو هڪ جهاز 60 کان وڌيڪ ماڻهن کي اسرائيل مان پراگ کڻي ويو آهي.
ٿائيلينڊ به پنهنجي فوج کي هدايت ڪئي آهي ته هو پنهنجن شهرين جي نيڪالي لاءِ جهاز تيار ڪن.
رپورٽن موجب، اسرائيل ۾ اٽڪل چاليهه هزار ٿائي شهري موجود آهن، جيڪي گهڻي ڀاڱي زرعي علائقن ۾ پورهيو ڪن ٿا.
ان کانسواءِ پولينڊ به پنهنجي شهرين کي اسرائيل مان ڪڍڻ لاءِ خاص اُڏامن جو بندوبست ڪري رهيو آهي.
پولينڊ جي پرڏيهي وزير جو چوڻ آهي ته ٽي سئو کان وڌيڪ شهرين حڪومت کان نيڪالي جي درخواست ڪئي آهي.
پولينڊ جي نائب وزير پرڏيهي وزير هنريڪا موسڪا ڊينڊيس موجب، پولينڊ پنهنجي سفارتخاني جي غير ضروري عملي کي ايران مان آذربائيجان جي رستي نيڪالي ڏيڻ جو منصوبو تيار ڪري رهيو آهي.
ٻئي پاسي چين پڻ اعلان ڪيو آهي ته ان جا ڪجهه شهري ايران ڇڏي پاڙيسري ملڪن ڏانهن منتقل ٿي ويا آهن.