شام 5 وڳي کانپوءِ گهڻي ماني کائيندڙن جي حياتي داءَ تي، پيٽ ڀَري نه کائو!

 

هڪ تحقيق موجب شام کان پوءِ وڌيڪ کاڌو کائڻ سان بلڊ شوگر جي سطح ۾ واڌ ٿي سگهي ٿي ۽ مسلسل اها عادت برقرار رکڻ سان شگر جو مرض پڻ ٿي سگهي ٿو.
عام طور تي ماهر رات جي وقت گهٽ کائڻ جو مشورو ڏيندا آهن يا وري هدايت ڪندا آهن ته رات جو سمهڻ کان ڪجهه ڪلاڪ اڳ ماني کائي ڇڏڻ گهرجي.
هڪ تحقيق ۾ شام 5 وڳي کانپوءِ وڌيڪ خوراڪ کائڻ جو نقصان سامهون آيو آهي.
طبي رسالي ۾ ڇپيل تحقيق موجب اسپين ۽ آمريڪا جي ماهرن 26 رضاڪارن تي ٻن هفتن تائين تحقيق ڪئي ۽ انهن ۾ خوراڪ کانپوءِ بلڊ شوگر جي سطح کي جاچيو.
ماهرن دريافت ڪيو ته جن رضاڪارن شام 5 وڳي کانپوءِ پيٽ ڀري ماني کاڌي، انهن ۾ بلڊ شوگر جي سطح ۾ واڌ ڏٺي وئي، جڏهن ته گهٽ کاڌو کائڻ وارن جي شگر ليول نارمل هئي.
ماهرن موجب شام کانپوءِ 45 ڪيلوريز کان وڌيڪ خوراڪ کائڻ وارن ۾ بلڊ شوگر جي سطح وڌي سگهي ٿي، ڇاڪاڻ ته شام ۽ رات جي وقت ماڻهو وڌيڪ متحرڪ ناهن رهندا.
ماهرن مشورو ڏنو ته شام کانپوءِ وڌيڪ خوراڪ نه کائڻ گهرجي ۽ هلڪي ۽ گهٽ خوراڪ کي ترجيح ڏيڻ گهرجي.
ماهرن خبردار ڪيو ته جيڪي ماڻهو ٿولهه جو شڪار آهن يا جن جي بلڊ شگر جي سطح وڌيڪ آهي، انهن کي تمام گهڻو احتياط ڪرڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.