هاڻي واٽس ايپ ذريعي به هٿرادو ذهانت واري ٽيڪنالوجي( اي آءِ ) کان تصويرون ٺهرائي سگهجن ٿيون.
اوپن اي آءِ طرفان هڪ نئون فيچر متعارف ڪرايو ويو آهي جنهن ذريعي چيٽ جي پي ٽي هاڻي واٽس ايپ تي به تصويرون ٺاهي سگهي ٿو.
رپورٽن موجب، اوپن اي آءِ طرفان چيو ويو آهي ته واٽس ايپ واهپيدار چيٽ جي پي ٽي کان لکت ۾ پنهنجي مرضي جون تصويرون ٺهرائي سگهن ٿا.
دسمبر 2024ع ۾ چيٽ جي پي ٽي کي واٽس ايپ تي استعمال ڪرڻ سهولت ڏني وئي هئي ۽ هاڻي هڪ نئين اپڊيٽ ۾ تصوير ٺاهڻ وارو فيچر به شامل ڪيو ويو آهي.
ان فيچر کي استعمال ڪرڻ لاءِ واهپيدارن کي نمبر 1-800-242-8478 واٽس ايپ تي سيو ڪرڻو پوندو يا خاص لنڪ تي ڪلڪ ڪري چيٽ شروع ڪري سگهجي ٿي.
ان کانپوءِ، اوپن اي آءِ جي اڪائونٽ سان واٽس ايپ کي ڳنڍي، لکت ۾ هدايت ڏئي تصوير ٺهرائي سگهجي ٿي.
اوپن اي آءِ موجب، هي فيچر هاڻي هڙني واٽس ايپ واهپيدارن لاءِ موجود آهي.
واٽس ايپ ۾ چيٽ جِي پِي ٽِي کان تصويرون ٺهرائڻ وارو فيچر متعارف، ڪم ڪيئن ڪري ٿو؟
Next Post
You might also like