لنڊن (ويب ڊيسڪ)گذريل جمعي کان اسرائيل، ايران جي انهن مرڪزن کي نشانو بڻايو آهي جتي يورينيم جي افزودگي (واڌاري) جو عمل جاري هو، پر انهن ٿاڪن جي ”نيوڪليئر ري ايڪٽر ۾ نه هئڻ سبب ڪنهن وڏي جوهري حادثي جو خطرو موجود ناهي.
بي بي سي موجب، جوهري ماهرن وضاحت ڪئي آهي ته جن ٿاڪن کي نقصان پهتو، اهي رڳو فيول پيدا ڪرڻ لاءِ هئا، تنهنڪري انهن تي ٿيل حملا چرنوبل يا فوڪوشيما جهڙي سانحي جو سبب نه بڻجندا.
جوهري سائنسدان پروفيسر سائمن مڊل برگ جو چوڻ هو ته جيڪڏهن ڪنهن يورينيم جي افزودگي ڪندڙ مرڪز تي حملو ٿئي ٿو ته ” يورونيم مرڪز مان نڪري امڪاني طور ماحول ۾ ڳري ويندو آهي.“
هن ٻڌايو ته ان نتيجي ۾ ڪنهن به جوهري ردعمل جو امڪان نه هوندو آهي، اهڙا نقصان رڳو مقامي سطح تي ئي ڏسڻ ۾ ايندا ۽ ڪنهن به وڏي ريڊيئيشن جو امڪان تمام گهٽ آهي.
You might also like