اسرائيلي حملن ۾ 109 ايراني فوجين سميت ڪُل 452 شهري شهيد، رپورٽ جاري

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران ۾ انساني حقن جي تنظيم” هيومن رائٽس ايڪٽوسٽ ان ايران“ جو چوڻ آهي ته جمعي کان وٺي اسرائيلي حملن ۾ 452 ماڻهو شهيد ۽ 646 زخمي ٿيا آهن.
هيومن رائٽس ايڪٽوسٽ ان ايران طرفان جاري ڪيل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اسرائيلي حملن ۾ 109 ايراني فوجي شهيد ٿيا جڏهن ته 123 زخمي ٿيا، ان کانسواءِ 224 عام شهري شهيد ۽ 188 زخمي ٿيا آهن.
رپورٽ موجب، تازن حملن ۾مارجي ويل 119 ماڻهن جي اڃا تائين سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي، زخمين ۾ به اهڙا 335 ماڻهو به شامل آهن جن جي سڃاڻپ جو عمل جاري آهي.
ٻئي پاسي اسرائيلي صحت واري وزارت جو چوڻ آهي ته اڱاري ڏينهن ايران جي ميزائل حملن کان پوءِ 154 ماڻهو اسپتال منتقل ٿيا. اسرائيلي اختيارين جو چوڻ آهي ته جمعي کان هينئر تائين ايراني حملن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 24 ڄڻا مارجي ويا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.