ڪراچي ( ذوالفقار راڄپر ) سول سوسائٽي سان لاڳاپيل فردن، ليکڪن مطالبو ڪيو آهي ته پنجاب ۽ آزاد ڪشمير ۾ آباد ٿيل سنڌي مهاڻن کي اتي رهائشي گهر اڏڻ ڏنا وڃن، ڪراچي سميت بدين، ٺٽو، سجاول مٿان سمنڊجي چاڙه ۽ تباهي کي روڪڻ لاءِ سنڌو درياءَ جا سمنڊ تائين کوليا وڃن. اها ڳالهه ڪالهه شام جو مهاڻن جي اڳواڻ طالب ڪڇي جي ڪتاب ” ڪٿا هڪ مهاڻي جي “جي لوڪ ورثا ڪميٽي طرفان آرٽ ڪائونسل ۾ منعقد ٿيل مهورتي تقريب ۾ ڳالهائيندي ڪئي وئي. ان موقعي تي تقريب جي صدارت ڪندي نامور ترقي پسند ليکڪ ۽ ڪالم نويس ڊاڪٽر توصيف احمد چيو ته ڪافي اهڙيون شخصيتون آهن جن اسڪول ۾ تعليم ته حاصل نه ڪئي پر انهن بهترين ڪتاب لکيا آهن آهن، جن ۾ ڪراچيءَ جو مهاڻو طالب ڪڇي به شامل آهي، جيڪو ڪل ٻه درجا پڙهيو آهي، پر هن اسان کي شاندار ڪتاب ڏنو آهي.هن چيو ته هن ڪتاب پڙهڻ بعد اسان کي خبر پئي ته سمنڊ اندر وڃي رهڻ ۽ مڇي مارڻ ڪيڏو نه مشڪل ڪم آهي، جنهن ۾ ڪيترائي مهاڻا ٻيڙن جي ٽيڪنيڪل خرابين ڪري ڪري مري وڃن ٿا يا پاڙيسري ملڪ جا قيدي ٿي وڃن ٿا، ان ڪري سرڪار کين جديد بنياد تي ٺهيل ٻيڙا فراهم ڪرڻ ۾ هنن سان سهڪار ڪري، پاڪستان ۽ ڀارت جا لاڳاپا معمول تي آڻي ٻنهي ملڪن ۾ قيد مهاڻن کي آزاد ڪيو وڃي، بي روزگاري ڪري پنجاب ۽ ڪشمير ۾ آباد ٿيل سنڌي مهاڻن سان اتي ٻئي درجي جي شهري وارو رويو اختيار ڪيو ويو آهي، کين نادرا سڃاڻپ ڪارڊ نه ٿي ڏئي، واپڊا وارا بجلي فراهم نه ٿا ڪن ۽ پنجاب حڪومت کين گهر اڏڻ جي اجازت نه ٿي ڏئي.ڪتاب جي ليکڪ طالب ڪڇي چيو ته هڪ طرف سنڌو درياءَ کي ڊيمن ۾ قيد ڪيو ويو آهي ته ٻئي طرف باقي بچيل پاڻي روڪيو ويو آهي، جيڪڏهن درياءَ جو وهڪرو بند ڪيو ويو ته پوءِ ڪراچي شهر به نه رهندو ۽ سمنڊ ملتان تائين پهچي ويندو، هن چيو ته تمر جا وڻ خاموش سپاهي آهن، جيڪي سمنڊ جي آفتن کي روڪن ٿا پر انهن جي ڪٽائي خلاف ڪوبه قدم نه ٿو کنيو وڃي، ڪراچي ۽ هن کي ڪتاب لکڻ جي خواهش ٻالڪپڻي کان .ي هئي، جيڪاپوڙهائپ ۾ پوري ٿي آهي، شهر ۾ 1965 کان اڳ ڀارتي فلمون به هلنديون هيون، جن کي شوق سان ڏسندا هئاسين ، نامور ليکڪ ڊاڪٽر رياض شيخ چيو ته مهاڻن جي قديم آبادي گذري ۽ دفينس جي رهائشن جي وچ ۾ غزه جهڙي ڀت ڪڍي چڪوال ۽ ٻين هنڌن تان ايندڙ ماڻهو اصلي آبادي کان ڪاغذن جي پڇا ڳاڇا ڪن ٿا ۽ گذري کي ڊي ايڇ اي جو قيدي بڻايو ويو آهي. طالب ڪڇي جو ڪتاب ڪراچي جي ان رواداري واري ڪلچر کي واپس آڻڻ جي تلقين ڪري ٿو جتي يهودي، پارسي، هندو سڀ امن ۽ شانتي سان رهندا هئا. روزاني سنڌ اخبار جي چيف ايڊيٽر مهيش ڪمار چيو ته طالب ڪڇي جو ڪتاب فقط ڪراچي جي مهاڻن يا هن جي ذاتي زندگيءَ جي آتم ڪٿا نه آهي پر اها ڪراچي جي قديم ۽ هاڻوڪي سمنڊ جي به خوشين ۽ دردن جي آکاڻي آهي. هن چيو ته جڏهن طالب ڪڇي فيس بوڪ تي پنهنجي ڪٿا جي پهريون افسانو لکيو ته ان کيس ايترو ته متاثر ڪري موهي وڌو جو هن سنڌ اخبار ۾ ان کي اردو ۾ هوبهو شايع ڪيو ۽ طالب ڪڇي کي گذارش ڪئي ته هر هفتي سنڌ اخبار لاءِ پنهنجي ڪٿا لکندو رهي. مزدور اڳواڻ ناصر منصور چيو ته هن ڪتاب ۾ اهو داستان به موجود آهي ته سنڌو درياءَ سان وڏو ظلم ٿي رهيو آهي ۽ سمنڊ ڪراچي شهر سميت ٻين شهرن کي به ڳڙڪائي ويندو، سنڌو درياءَ جي وهڪري کي بند نه ڪيو وڃي. هن چيو ته مهاڻن رينجرز جي قبضن کان وٺي هر زيادتي خلاف جدوجهد ڪئي آهي. ڪالم نويس ڊاڪٽر ايوب شيخ چيو ته طالب ڪڇي پنهنجو داستان قلمبند ڪري وڏي ڪمال جو ڪم ڪيو آهي، هو 40 سال سمنڊ اندر ٻيڙي ۾ رهندي ايندو ويندو رهيو آهي، هاڻي سنڌو درياءَ کي تالو لڳائي تمر جي ٻيلن کي ختم ڪيو پيو وڃي.ان موقعي ته عبدالغفور کتري، سعديه بلوچ، فاطمه مجيد، سعيد بلوچ، قرت مرزا، واحد بلوچ، مجيد بلوچ ، مجيد ڀوٽي، ۽ ٻين چيو ته طالب ڪچي جي ڪٿا اسان سڀني جي گڏيل ڪٿا آهي.آخر ۾ کيس يوسف ڪڇي طرفان ڪتاب لکڻ تي اعزازي شيلڊ ڏني.