”ٽرمپ انتظاميا کي ايران تي اسرائيلي حملي جي ڄاڻ هئي، يهودي رياست کي هيل فائر ميزائلن جي وڏي کيپ ڏني وئي“

واشنگٽن/تل ابيب (ويب ڊيسڪ) ايران تي اسرائيلي حملي کان اڳ آمريڪا صهيوني رياست کي اٽڪل 300 ”هيل فائر ميزائل“ ڏنا هئا، جيڪو ان ڳالهه ڏانهن اشارو ڪري ٿو ته اسرائيل ايران تي حملي جي اڳواٽ رٿابندي ڪري رهيو هو.
پرڏيهي خابرو اداري سان ڳالهائيندي ٻن آمريڪي عملدارن نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط ٻڌايو ته هيل فائر ميزائلن جي وڏي مقدار ۾ ترسيل مان ثابت ٿئي ٿو ته ٽرمپ انتظاميا کي اسرائيل جي ايران تي حملي واري منصوبي جو ڄاڻ هئي.
رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته ايران تي اسرائيلي حملي تائين هيل فائر ميزائلن سميت ٻين هٿيارن جي وڏي کيپ اسرائيل اُماڻڻ واري ڳالهه ڳجهي رکي وئي هئي.
هيل فائر ميزائل ڇا آهن؟
هيل فائر ميزائل ليزر گائيڊڊ هوا مان ڌرتي تي مار ڪندڙ ميزائل آهن، جن کي اسرائيل طرفان ايران جي جوهري ٿاڪن تي بمباري بدران درست طريقي سان رهنمائي ڪندڙ حملن ۾ استعمال ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.