تل ابيب (ويب ڊيسڪ) ايران طرفان آچر ۽ سومر جي وچ واري رات ڪيل ميزائل حملن کانپءِ اسرائيلي بچاءُ واري وزير ايران کي ڌمڪي ڏئي ڇڏي.
اسرائيلي بچاءَ واري پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ايراني حملن جي قيمت هاڻي تهران واسين کي چڪائڻي پوندي.
هن چيو ته ايران جي رات دير سان ڪيل ميزائل حملن سبب اسان جا ڪجهه ماڻهو مارجي ويا آهن ۽ درجنين زخمي ٿيا آهن، جنهن جي قيمت هاڻي تهران واسين کي ادا ڪرڻي پوندي.
اسرائيلي بچاءَ واري وزير الزام لڳايو ته ايران جو سپريم ليڊر علي خامنه اي ڄاڻي واڻي عام شهري آبادي کي نشانو بڻائي رهيو آهي، جنهن جو مقصد اسرائيلي فوج جي حملن ۽ ان جي صلاحيتن کي ڪمزور ڪرڻ آهي.
هن چيو ته اسرائيل ايران جي اهڙن حملن جو تمام جلد جواب ڏيندو.