ٺٽو(رپورٽ: منصور جلالاڻي)سنڌ جي صوبائي گھرو وزير ضيا لنجار چيو آھي ته اتر سنڌ جي ضلعن اندر ڌاڙيلن خلاف ٽارگيٽڊڪارروايون ٿينديون رهن ٿيون، ڪشمور، ڪنڌڪوٽ، شڪارپور توڙي لاڙڪاڻي وارن ضلعن ۾ ڪجهھ بهتري آئي آھي، پر ڌاڙيلن خلاف وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آھي، وفاقي حڪومت ڌاڙيلن سان مهاڏو اٽڪائڻ لاءِ سنڌ پوليس کي جنگي هٿيار پڻ فراهم ڪيا آھن، جيڪي سنڌ پوليس جي هينڊ اووَر ٿي چڪا، جنهن لاءِ آئون آرمي چيف ۽ وفاقي گهرو وزير جو ٿورائتو آھيان، جن ڌاڙيلن سان ڀرپور مقابلي لاءِ جديد هٿيار سنڌ پوليس کي فراهم ڪيا آھن،
ضياءُ الحسن لنجار ٺٽي ۾ جديد طرز تي تعمير ٿيل ماڊل پوليس اسٽيشن ٺٽو جي افتتاح بعد صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته سنڌ پوليس کي هاڻي اُھي جنگي هٿيار ملي چڪا آھن، جيڪي صرف فوج وٽ ھوندا آھن تنهنڪري سنڌ پوليس جو هاڻي اهو جواز ختم ٿي چڪو آھي ته پوليس وٽ ڪي ڌاڙيلن وٽ جديد هٿيارن جي مقابلي ۾ اهي بهتر جديد هٿيار نه آھن، اغوا ٿيل ٻارڙي انس ۽ ٻارڙِي پريا ڪماري سميت اغوا ٿيل سمورن مغوين جي بازيابي لاءِ سنڌ پوليس ڀرپور ڪوششون وٺي رهي آھي ۽ اسانجي ڪوشش آھي ته پريا ڪماري به پنهنجي وارثن حوالي ٿئي، ھن چيو ته پريا ڪماري بابت وچ ۾ ڪجهھ اميد ظاهر ٿي پر ڪوششن باوجود پريا ڪماري بابت پوليس اڃا تائين پتو لڳائي نه سگهي آھي اسانجي پوليس جي خصوصي ٽيم ان لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهي آھي، سنڌ اندر امن امان جي صورتحال کي بهتر بنائڻ لاءِ سنڌ پوليس جون ڪوششون جاري آهن.