ميرپوربٺورو( رپورٽ :امتياز علي سومرو) ميرپوربٺورو لڳ رات دير سان پوليس اٽالن ۽ سادہ ڪپڙا پريل 35 کان وڌيڪ پوليس موبائيلن ۾ سوار اهلڪارن جي ڳوٺ غازي خان چانگ تي چڙهائي ڪندي گهر گهر تلاشي وٺڻ بعد ڳوٺ جي معذور نوجوان سرفراز چانگ کي کنڀي کنيو ويو آهي ، پوليس جي اهڙي ڪاروائي سبب ڳوٺ ۾ خوف ۽ حراس پکڙجڻ سبب گهرن ۾ روڄ راڙو مچي ويو جنهن ڪري ڳوٺاڻا سخت پريشان بڻجي ويا ، انهي سلسلي ۾ ڳوٺ غازي خان چانگ واسي عبدالغفور چانگ ، منظور چانگ ،ميگ چانگ موٽيو چانگ، حاجي خان چانگ ۽ ٻين رات دير سان پوليس جي وڏن اٽالن پاران ڳوٺ کي ڪڙو چاڙهي ڌاڙيلن جيان گهرن ۾ داخل ٿي ڪري ڀڃ ڊاهه ڪرڻ واري واقعي خلاف احتجاج ڪندي دانهيو آهي ته بناجواز پوليس ۽ ٻين ادارن پاران اسان جي ڳوٺ کي ٽارگيٽ ڪري حراسان ڪيو پيو وڃي، هنن چيو ته 2 مهينا اڳ اسان جي ڳوٺ جي ٽن ڳڀرو نوجوانن کي کنڀي گم ڪيو ويو آهي جڏهن ته رات دير سان پوليس جي وڏن اٽالن اسان جي ڳوٺ جو گهيرا ڪري چادر چوديواري جو تقدس پائمال ڪندي پوليس ۽ ساده ڪپڙا پريل اهلڪارن گهرن اندر داخل ٿي ڪري ڳوٺ جي نوجوان هالار چانگ جي ڳولا جو بهانو بڻائي گهر گهر تلاشي وٺڻ بعد کنڀي گم ڪيل نوجوان شعبان چانگ جي وڏي ڀاءُ معذور سرفرار عرف شفا چانگ کي کنڀي کڻي ويا آهن هنن چيو ته پوليس گهرن ۾ ڀڃ ڊاهه ڪئي جنهن ڪري ننڊ ستل معصوم ٻارڙن سميت گهرن ۾ ڪهاٽ پئجي ويو هنن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي پوليس جي ڳوٺ غازي خان چانگ تي ٿيندڙ اهڙي ڪاروائي جو فوري طور نوٽيس وٺي گرفتار ڪيل معذور نوجوان سرفراز چانگ کي آزاد ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيا ويندا