پشاور (م ڊ) بنون ۾ پوليس، سي ٽي ڊي ۽ فوج جي گڏيل آپريشن دوران 40 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري وڏي انگ ۾ هٿيار هٿ ڪيا ويا. آپريشن برگنٽو، ڪم چشمي۽ ميريان علائقن ۾ ڪيو ويو، جتي جديد ٽيڪنالاجي ۽ ڊرون ذريعي تلاشي ورتي وئي. گرفتار ٿيلن ۾ رفيع الله نالي دهشتگرد به شامل آهي، جيڪو 2009 کان وٺي دهشتگردي جي ڪيسن ۾ گهربل هو. آپريشن ۾ سي ٽي ڊي، ڪيو آر ايف، بي ڊي ايس، ليڊيز پوليس ۽ آرمي جا اهلڪار شامل هئا. ڊي پي او بنون سليم عباس موجب، مقصد علائقي کي ڏوهارين ۽ دهشتگردن کان پاڪ ڪرڻ آهي. آر پي او سجاد خان آپريشن جي ڪاميابي تي آفيسرن کي مبارڪون ڏنيون.