سنڌ حڪومت جي بجيٽ: وعدا وڏا، الائونس ٿورو

تحرير: خيال کتري

سنڌ جي ملازمن سان وڏو ظلم ڪيو پيو وڃي. جيڪو انتهائي خطرناڪ موڙ تي رسي چڪو آهي. جو سنڌ جا ملازم ٻين صوبن جي ملازمن کان پاڻ کي جهڙوڪر اڇوت سمجھن پيا ۽ انهن جي دماغن ۾ بجيٽ تيار ڪندڙن، انهن جي صلاحڪارن ۽ پيش ڪندڙن لاءِ هڪ قسم جو ڀوائتو خوف پيدا ٿي چڪو آهي. جنهن جا نتيجا ڪهڙا به نڪري سگھن ٿا. انهن نتيجن جو مثبت هئڻ ۽ منفي هئڻ وقت تي منحصر ڪري ٿو ته هو ڪهڙا ٿا نڪرن.

سنڌ بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن کي 12 سيڪڙو مهانگائي الائونس ڏئي ملازمن سان هڪ اهڙي مشڪري ڪئي ويئي آهي. جو ان کان ته بهتر هو ته ڪو به اضافو نه ڪيو وڃي ها. پيڙهيل ملازم پيڙا جو هڪ ڏاڪو وڌيڪ کڻي چڙهن ها. ڇا ٿئي ها. وقت آهي سو گذري ويندو. ڪنهن جي ڪري نه اڳ بيٺو آهي. نه ئي آئينده ڪنهن جو انتظار ڪندو. هو پنهنجي رفتار سان برابر هلندو رهندو. ان وانگر سنڌ جو سرڪار ملازم به پنهنجي رفتار سان زندگي گذاريندو رهندو. پوءِ کڻي سکيو نه ئي سهي. ڏکيو ئي سهي. پر ويندو پنهنجو وقت وڄائي.جيڪا سنڌ حڪومت بجيٽ کان اڳ وفاق کي 50 سيڪڙو سرڪار ملازمن جو پگھارون وڌائڻ جون سفارشون ڪري رهي هئي. سا ئي حڪومت وفاق جي طرفان اعلانيل 10 سيڪڙو اضافو واڌو 30 سيڪڙو ڊسپرٽي الائونس جو ٻڌي، ماڳهين پنهنجا هوش خطا ڪري، سنڌ جي ملازمن کي 40 سيڪڙو اضافي بدران فقط 12 سيڪڙو اضافو ڏيڻ تائين پاڻ کي محدود ڪري ڇڏيو. ڪابه سوچ نه ڪيائين ته سنڌ جا ملازم پنهنجي زندگيءَ جون پورتون ڪيئن ڪندي؟ ڪيئن هو دنيا ۾ اٿندا ويهندا؟ ڪيئن پنهنجي صحت کي برقرار رکڻ لاءِ معائنو ۽ علاج ڪرائي سگھندو؟ ڪڏهن سنڌ سرڪار پنهنجي ملازمن جي خوشين لاءِ سوچيو ئي ڪونھي، ته هو به انهن جهڙا انسان آهن. انهن جون به خواهشون ۽ ضرورتون آهن. انهن جو خيال رکڻ گھرجي

ايڏي ناانصافي ۽ اڻ برابريءَ جو مثال اسان کي ٻئي ڪنهن هنڌ تي ڏسڻ ۾ نه ملندو. ڇاڪاڻ ته هڪئي ملڪ ۾ رهندي پنجاب جي ملازمن جي پگھار الڳ، خيبر پختونخواه جي پگھار الڳ، بلوچستان جي ملازمن جي پگھار الڳ ته وفاقي ملازمن جي پگھار ۾ به وڏو فرق هجي ٿو. ايترو ئي نه پر ساڳئي ملڪ جي ساڳئي سطح جي نجي ادارن جي ملازمن جي پگھار ۾ زمين آسمان جو فرق ڏسڻ ۾ اچي ٿو. توهان وري تيل ۽ گيس ڪمپنيءَ جي ملازم جي پگھار ڏسو ۽ وري ٻين کاتن جي ساڳئي پوسٽ تي مقرر (هڪئي گريڊ واري) ملازم کي ڏسندؤ ته تمام وڏو فرق ڏسڻ ۾ ايندو.

اسان جي حڪمرانن کي خاص ڪري سنڌ جي صوبائي حاڪمن کي پنهنجي ملازمن جي خوشين کي برقرار رکڻ لاءِ پنهنجو جوڳو ڪردار ادا ڪري. پنهنجي ملازمن کي انهن جو حق پورو پورو ادا ڪري. جهڙيءَ ريت وفاق، پنجاب ۽ ٻيا صوبا پنهنجي ملازمن لاءِ پاڻ پتوڙي انهن لاءِ فنڊ حاصل ڪن ٿا ته سنڌ جي ملازمن کي ڇو مايوس ڪيو وڃي ٿو. جڏهن ته ملڪ جي ڪل روينيو مان سنڌ 70 سيڪڙو کان مٿي ڏئي رهي آهي. ان کان سواءِ کربين رپيا نيشنل هاءِ وي اٿارٽي اوڳاڙي ٿي ته ٿر جي ڪوئلي مان ٺهندڙ بجلي پڻ سنڌ کان سواءِ ٻيا صوبا استعمال رهيا آهن. ان کان سواءِ سنڌ جي هر معدنيات جيڪا سموري ملڪ کان سوائي آهي. سا به وفاق پنهنجي ڪنٽرول ۾ رکيو ويٺو آهي. جنهن مان سنڌ کي ته ڪو لاڀ ڪونھي

سنڌ سرڪار کي گھرجي ته سنڌ جي ملازمن کي مايوسي ۽ احساس محروميءَ مان ڪڍي، انهن کي به اهي ئي مراعاتون ڏئي، جيڪي وفاقي ملازمن ۽ ٻين صوبن جي ملازمن کي ملي رهيون آهن. سنڌ سرڪار تي ملازمن جو پورو پورو حق آهي، ته هو انهن کي هر سهولت جن ۾ صحت، رهائش، ڪنوينس، يوٽيلٽي بلن جي ادائگيءَ سان گڏ باقي ٻين کاتن جيان مراعتون بنا دير جي مهيا ڪري.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.