ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ناليواري اداڪارا لائبا خان چيو آهي ته مان ايترا ڀيرا شادي جو ذڪر ڪري چڪا آهيان جو هاڻ شايد ان جي ڪري ئي شادي نه پئي ٿئي.
نجي ٽي وي چينل جي مارننگ شو ۾ گفتگو ڪندي لائبا خان چيو ته مان انڊسٽري ۾ گهڻو ڪم ڪيو آهي، هاڻ نئين زندگي شروع ڪرڻ چاهيان ٿي.
هن چيو ته مان اهڙي شخص سان شادي ڪرڻ چاهينديس، جيڪو احترام ڪري، ساٿ ڏئي ۽ هر ڳالهه ٻڌي.
ميزبان کانئس سوال ڪيو ته توهان کي ڪهڙي اداڪار سان ڪم ڪرڻ جي خواهش آهي؟ جنهن تي اداڪارا چيو ته مان رڳو ڪم ڪرڻ چاهيان ٿي، اداڪار ڪير به هجي مسئلو ناهي.
سندس چوڻ هو ته توڙي جو مون کي وڏن نالن سان گڏ ڪم ڪرڻ جو موقعو ناهي مليو پر سمجهان ٿي ته گهڻو ڪم ڪري چڪي آهيان، هاڻ نئين زندگي شروع ڪرڻ چاهيان ٿي.
You might also like