اسرائيلي فوج والاريل ڪشمير کي پاڪستان جو حصو ڄاڻائي ڇڏيو، ڀارتي تپي باهه

تل ابيب (ويب ڊيسڪ) اسرائيلي فوج هڪ تصوير جاري ڪئي، جنهن ۾ والاريل ڪشمير کي پاڪستان جو حصو ڏيکاريو ويو، جنهن تي ڀارتين کي مرچ لڳي ويا.
پرڏيهي ميڊيا موجب اسرائيلي فوج پنهنجي جاري ڪيل تصوير ۾ والاريل ڪشمير کي پاڪستان ۾ شامل ڪري ڇڏيو ۽ ڀارت جون اتر رياستون نيپال ۾ وجهي ڇڏيون.
اسرائيلي فوج طرفان جاري ڪيل تصوير ڏسي اسرائيل جي ڪاميابين تي جشن ملهائيندڙ مودي جي حمايتن کي مرچ لڳي ويا.
رپورٽ موجب اسرائيلي فوج بعد ۾ پنهنجي جاري ڪيل تصوير تي معذرت ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.