واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايران ۽ اسرائيل کي معاهدو ڪرڻ گهرجي، ٻنهي ملڪن ۾ جلد امن ٿيندو.
پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽرٿ سوشل تي جاري ڪيل بيان ۾ ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته ڪيتريون ئي ملاقاتون ۽ فون ڪالز ٿي رهيون آهن، ايران ۽ اسرائيل معاهدو ڪندا.
هن چيو ته اهو اهڙو ئي معاهدو هوندو، جيڪو مان ڀارت ۽ پاڪستان وچ ۾ ڪرايو، مان گهڻو ڪجهه ڪرڻ چاهيان پر مون کي ڪنهن شئي جو ڪريڊٽ ناهي ملندو پر ڪا ڳالهه ناهي، عوام سڀ سمجهي ٿو.
ٽرمپ پنهنجي بيان جي آخر ۾ چيو ته وچ اوڀر کي وري عظيم بڻايو.
You might also like