ڪراچي ۾ آنڌاري، کنوڻ ۽ گجگوڙ سان برسات جي اڳڪٿي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي ڪراچي ۾ برسات جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي.
موسميات کاتي جي اڳڪٿي ۾ چيو ويو آهي ته اولهه لهر ملڪ جي مٿانهن علائقن کي متاثر ڪري رهي آهي، جڏهن ته گهميل هوائون صوبي جي اوڀر علائقن ۾ به داخل ٿي رهيون آهن.
سسٽم جي اثر هيٺ ڪراچي ۾ سومر ۽ اڱاري تي کنوڻ ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي، جڏهن ته ان دوران آنڌاري اچڻ جو به امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.