نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست اترکنڊ ۾ هيلي ڪاپٽر حادثي ۾ 7 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا.
مقامي ميڊيا موجب حادثو 14 جون جي رات ان وقت پيش آيو، جڏهن هيلي ڪاپٽر گپت ڪاشي کان مذهبي ماڳ ڪيدارناٿ ڌام ڏانهن وڃي رهيو هو.
ڀارتي ميڊيا ٻڌايو ته هيلي ڪاپٽر گوري گنگا جي گهاٽي ٻيلن ۾ ڪري تباهه ٿيو ۽ ان ۾ سوار سمورا مسافر ياتري هئا، جيڪي ڪيدارناٿ جي درشن لاءِ وڃي رهيا هئا.
You might also like