سڄي اسلامي دنيا ايران جي حمايت ۾ متحد آهي: سعودي ولي عهد

رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي ولي عهد محمد بن سلمان ۽ ايراني صدر مسعود پزشڪيان وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو آهي.
عرب ميڊيا موجب ٽيليفونڪ گفتگو ۾ سعودي ولي عهد ايراني صدر کي تڪرار جي حل لاءِ طاقت جو استعمال نه ڪرڻ تي زور ڏنو.
هن چيو ته سعودي عرب ايران جي خودمختياري ۽ سلامتي کي نقصان پهچائڻ جي مذمت ڪري ٿو، اسرائيلي حڪومت ايران سان تڪرار وڌائڻ چاهي ٿي ته جيئن آمريڪا جنگ ۾ شامل ٿئي.
سندس چوڻ هو ته اڄ سڄي اسلامي دنيا ايران جي حمايت ۾ متحد آهي، اسان کي اعتماد آهي ته ايران عقلمندي وارو قدم کڻندو.
ان موقعي تي ايراني صدر چيو ته اسرائيل امن جي ڪوششن کي ناڪام بڻائيندو رهيو آهي، سعودي عرب سان گڏجي خطي کي پرامن بڻائينداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.