اسرائيلي حملن ۾ آمريڪا برابر جو شريڪ آهي ۽ نتيجا ڀوڳيندو: ايراني پرڏيهي وزير

تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو آهي ته اسرائيل جي حملن ۾ آمريڪا برابر جو شريڪ آهي ۽ ان کي نتيجا ڀوڳڻا پوندا.
تهران ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عباس عراقچي چيو ته ايران اسرائيل تي جوابي حملو عالمي قانونن مطابق پنهنجي بچاءَ ۾ ڪيو، جنهن دوران اسرائيل جي فوجي ۽ اقتصادي هدفن کي نشانو بڻايو ويو.
هن چيو ته آمريڪا اسرائيلي حملي ۾ شريڪ نه هجڻ جي دعويٰ ڪئي آهي پر حقيقت اها آهي ته آمريڪا به ان حملي ۾ برابر جو شريڪ آهي ۽ ان کي نتيجا ڀوڳڻا پوندا، جڏهن ته عالمي برادريءَ کي گهرجي ته ايران تي جاري اسرائيلي حملن جي مذمت ڪري.
سندس چوڻ هو ته نار گئس فيلڊ تي اسرائيل جو حملو انتهائي خطرناڪ عمل هو، ايران تي اهڙو حملو آمريڪا جي سرپرستيءَ کانسواءِ ممڪن نه هو، آمريڪا جي اسرائيلي حملي جي پٺڀرائيءَ جا ثبوت موجود آهن.
عباس عراقچي وڌيڪ چيو ته ايران اسرائيل خلاف جنگ کي ٻين ملڪن تائين وڌائڻ جو خواهشمند ناهي پر جيڪڏهن مجبور ڪيو ويو ته ايران ان تي سنجيدگيءَ سان غور ڪندو، ڇو ته ايران پنهنجو بچاءُ ڪري رهيو آهي، جيڪو سندس اصولي حق آهي.
هن مطالبو ڪيو ته عالمي ايٽمي توانائي ايجنسي نطنز ريڪٽر تي اسرائيلي حملي جي مذمت ڪري، ايران ڪنهن اهڙي معاهدي جو حصو نه بڻجندو، جيڪو ان کي جوهري توانائي حاصل ڪرڻ کان روڪي، اسرائيل اهم ايراني عملدار کي شهيد ڪري جوهري ڳالهين کي ناڪام بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.