واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران کي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن آمريڪا تي حملو ڪيو ويو ته ڀرپور طاقت سان جواب ڏينداسين.
پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي اسرائيل جي ايران تي حملي جو حوالو ڏيندي ٽرمپ چيو ته ان ۾ آمريڪا جو ڪو ڪردار ناهي، جيڪڏهن ايران اسان تي ڪنهن به قسم جو حملو ڪيو ته آمريڪي فوج ڀرپور طاقت سان اهڙو حملو ڪندي، جيڪو اڳ ڪڏهن ناهي ڏٺو ويو.
هن وڌيڪ چيو ته اسان ايران ۽ اسرائيل وچ ۾ آساني سان ڊيل ڪرائي سگهون ٿا ۽ ان تڪرار کي ختم ڪري سگهون ٿا.
You might also like