ايران دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو،اسلامي حڪومت جو خاتمو اسرائيل جو بنيادي مقصد؟

تهران(م ڊ)ايران اسرائيلي جارحيت جو جواب ڏئي 13 ۽ 14 جون جي وچ واري رات اسرائيل جي ڪيترن ئي هنڌن کي نشانو بڻائي دنيا کي سرپرائز ڏئي ڇڏيو،ايران اسرائيل تي ڪامياب حملا ڪري  اسرائيل جي جديد ترين ملٽي ليئر دفاعي نظام کي به فيل ڪري ڇڏيو،جنهن کانپوءِ سڄي دنيا ۾ اسرائيلي نظام جي ناڪامي بحث جو موضوع بڻجي وئي،اسرائيل پاران تل ابيب سميت اهم ترين هنڌن تي جديد ترين دفاعي نظام”آئرن ڊوم“ سميت ٻيا دفاعي نطام نصب ڪيا ويا آهن پر ايراني ميزائل انهن نظامن کي ٽوڙڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا،آمريڪي اخبار نيويارڪ ٽائمز مطابق اسرائيل پنهنجي ايئر ڊفينس سسٽم تي اربين ڊالرن جي رقم خرچ ڪئي آهي جنهن کي هو گذريل هڪ سال کان ٽيسٽ به ڪري رهيو آهي پر هاڻي ايران جا ميزائل اسرائيلي ڊفينس سسٽم کي ٽوڙي تل ابيب ۾ داخل ٿي ويا،ٻئي پاسي اسرائيل جي دفاع واري وزير چيو آهي ته جيڪڏهن ايران ميزائل حملا جاري رکيا ته پوءِ تهران باهه جي شعلن جي نظر ٿي ويندو،ايراني آمر عوام کي يرغمال بڻائي رهيو آهي،بي بي سي موجب اسرائيلي وزيراعظم بنيامين نيتن ياهو جنگ ۾ هڪ نئون محاذ کولي ڇڏيو آهي،هن اعلان ڪيو آهي ته آپريشن ۾ جيترو وقت به لڳندو جاري رهندو،۽ اهو واضح ڪيو آهي ته هن جو مقصد نه رڳو ايران جي جوهري صلاحيت کي تباهه ڪرڻ آهي بلڪه ايران جي اسلامي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ به آهي،ايراني اختيارين لاءِ ان تڪرار جو مطلب بقا جي جنگ آهي ۽ هڪ اهڙي جنگ جنهن جي اهي سالن کان تياري ڪري رهيا آهن،هاڻي اهي پنهنجا پورا وسيلا ان جنگ ۾ ڦٽا ڪندا

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.