ڇڪتاڻ روڪڻ لاءِ سعودي ولي عهد جا عالمي اڳواڻن سان رابطا

رياض (م ڊ) وچ اوڀر ۾ ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ سبب عالمي سفارتي سرگرميون تيز ٿي ويون. سعودي ولي عهد محمد بن سلمان آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ، فرانسيسي صدر ايمانوئل ميڪرون، برطانوي وزيراعظم ۽ اطالوي وزيراعظم  جورجيا ميلوني سان رابطو ڪري خطي جي امن تي ڳڻتي ظاهر ڪئي. محمد بن سلمان زور ڀريو ته ايران ۽ اسرائيل کي صبر جو مظاهرو ڪندي ڳالهين ذريعي مسئلا حل ڪرڻ گهرجن، ڇو ته علائقي جي سلامتي ٻنهي تي ڀاڙي ٿي. عالمي اڳواڻن جنگي خطري کي روڪڻ لاءِ گڏيل ڪوششن تي اتفاق ڪيو. برطانوي وزيراعظم جي ترجمان موجب، برطانيا اتحاد ملڪن سان گڏجي مسئلي جو سفارتي حل ڳولڻ لاءِ تيار آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.