خطو ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ ڊگهي جنگ جي سٽ نٿو سهي سگهي: بلاول

برسلز (م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين، اڳوڻي پرڏيهي وزير ۽ پارلياماني سفارتي وفد جي سربراهه بلاول ڀٽو زرداري چيو ته خطو ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ ڊگهي جنگ جي سٽ نٿو سهي سگهي. يورپي ايڪسٽرنل ايڪشن سروس جي دوري کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته دوري دوران پاڪستان جو موقف بيان ڪيو ويو. هن چيو ته هن يورپي ايڪسٽرنل ايڪشن سروس جي عملدارن کي سنڌو درياهه ۽ امن بابت پنهنجي موقف ۽ ڀارتي جارحيت بابت آگاهه ڪيو. پارلياماني سفارتي وفد جي سربراهه چيو ته اسان ڀارت پاران شروع ڪيل جنگ ختم ڪئي، ۽ يورپي يونين کي به ان بابت آگاهه ڪيو ۽ انهن کي امن لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي اپيل ڪئي. سندس چوڻ هو ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڪالهه هڪ ڀيرو ٻيهر ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ ٽياڪڙي جي آڇ ڪئي، ۽ گڏيل قومن، برطانيا ۽ يورپي يونين طرفان هاڪاري رد عمل مليو آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان امن جي ڳالهه ڪري رهيو آهي، آمريڪا به امن جي ڳالهه ڪري رهيو آهي، جيڪڏهن ڪو جنگ جي ڳالهه ڪري رهيو آهي ته اهو ڀارت آهي، اهو به جلد ان پوزيشن تان هٽي ويندو. هن چيو ته اسان ايران تي اسرائيلي حملي جي سخت مذمت ڪريون ٿا. اسان ان جي جيتري مذمت ڪريون اوتري گهٽ آهي. اسرائيل جي فلسطينين جي نسل ڪشي ۽ پاڙيسرين سان جنگ جي پاليسي اسان جي خطي تائين پهچي چڪي آهي. پارلياماني سفارتي وفد جي سربراهه چيو ته اسان عالمي برادري کان مطالبو ڪريون ٿا ته ايران-اسرائيل جنگ بند ڪرائي وڃي، اسان جي خطي ۾ امن تمام ضروري آهي، اسان هن جنگ کي اڳتي وڌڻ جي سٽ نٿا سهي سگهون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.