ڪنڌڪوٽ ۾ ڌاڙيل راڄ،ڀتاخوري ۽ قبيلائي تڪرارن خلاف ٽوڪن هڙتال

ڪنڌڪوٽ(ن ع آ)ڪنڌڪوٽ ڪشمور ضلعي ۾ وڌندڙ بدامني،ڌاڙيل راڄ ،قتل،ڀتاخوري،ڦرلٽ ۽ قبيلائي تڪرارن خلاف ڪنڌڪوٽ ۾ جيئي سنڌ محاذ جي سڏ تي صبح کان 10 وڳي تائين دڪان بند ڪرائي شٽربند ھڙتال ڪئي وئي، جيئي سنڌ محاذ جي اڳواڻ گھايل سنڌي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن شھر جو گشت ڪندي دڪاندارن کي ڪاروبار بند ڪرڻ جي اپيل ڪئي ٻئي پاسي  جيئي سنڌ محاذ جي چئيرمين رياض علي چانڊيو جو چوڻ هو ته ڪنڌڪوٽ ۾ ھڙتال ڌاڙيل راڄ خلاف ٿي رهي آهي.ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعي ۾ اغوا انڊسٽري ختم ڪيو ڪنڌڪوٽ ڪشمور،جيڪب آباد، شڪارپور سميت لاڙڪاڻو ۽ سکر ڊويزن ۾ اغوا انڊسٽريز آھن.ٻار اغوا ٿين ٿا انھن جو ويڊيو وائرل ٿين ٿيون،هن چيو ته ڏوھاري ويڊيو ۾ جديدھٿيار اينٽي ايئرڪرافٽ گنون ويڊيو ۾ وائرل ڪن ٿا انهن علائقن ۾ وڏو ٻيلو به نه آھي ڌاڙيل راڄ سرڪاري سرپرستي ۾ ھلي ٿو حڪومت ڇو ختم نٿي ڪري ھن جو چوڻ ھو ته 2 لک پوليس هڪ لک رينجرز آھي پوء به چندڌاڙيل ختم نٿا ڪن.معصوم روحيت ڪمار کي شڪارپور مان اغوا ڪري بي دردي سان قتل ڪيو ويو، معصوم انس کي اغوا ڪيو،هن  وڌيڪ چيو ته  15 تاريخ تي سڄي سنڌ ۾ پرامن احتجاج ڪيو ويندو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.