لارڊز (ويب ڊيسڪ)آءِ سي سي ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ 2023-25 جو فائنل لارڊز جي تاريخي ميدان تي آسٽريليا ۽ ڏکڻ آفريڪا جي وچ ۾ جاري آهي، جتي آسٽريليا جي پهرين اننگز ۾ 212 رنسن جي جواب ۾ ڏکڻ آفريڪي بيٽر واريءَ ڀت ثابت ٿيا ۽ ۽ پوري ٽيم 138 رنز تي ڍير ٿي ويئي.
ميچ جي ٻئي ڏينهن ڏکڻ آفريڪا پنهنجي پهرين اڻپوري اننگز 43 رنسن چئن وڪيٽن جي نقصان سان شروع ڪئي، ڪپتان ٽمبا باووما ۽ ڊيوڊ بيڊنگھم وچ ۾ 64 رنسن جي اهم ڀائيواري ڪجهه اميد پيدا ڪئي، پر 94 جي مجموعي اسڪور تي ٽمبا باووما 36 رنسون ٺاهي پيٽ ڪمنز جو شڪار بڻيو، جنهن کانپوءِ پروٽيز بيٽرن جي ڪينگروز بالرن آڏو هڪ نه هلي.
سٽريليا طرفان ڪپتان پيٽ ڪمنز شاندار بالنگ جو مظاهرو ڪندي 28 رنسون ڏئي 6 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته مچل اسٽارڪ 2 ۽ جوش هيزل ووڊ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.
ان کان اڳ ميچ جي پهرين ڏينهن ڏکڻ آفريڪي ڪپتان ٽمبا باووما ٽاس کٽي پهريان بالنگ جو فيصلو ڪيو، جيڪو صحيح ثابت ٿيو ۽ ڏکڻ آفريڪي بالرن آسٽريليا کي پهرين اننگز ۾ 212 رنسن تي آل آئوٽ ڪري ڇڏيو هو.
آسٽريليا طرفان بيئو ويبسٽر 72 ۽ اسٽيو سمٿ 66 رنسن سان نمايان رهيا،ڏکڻ آفريڪا جي ڪگييسو ربادا شاندار بالنگ ڪندي 5 وڪيٽون حاصل ڪيون، مارڪو ينيسن 3، ڪيشو مهاراج ۽ ايڊن مارڪرم 1-1 وڪيٽ ورتي.
پهرين ڏينهن راند جي پڄاڻي تائين ڏکڻ آفريڪا چئن وڪيٽن جي نقصان تي 43 رنسون ٺاهيون هيون.
ڊبليو ٽي سي فائنل: ڪمنز جو قهر، آسٽريليا جي 212 رنسن جي جواب ۾ ڏکڻ آفريڪا 138 رنسن تي ڍير
You might also like