انٽرنيشنل ڪرڪيٽ مان رانديگرن جي وقت کان اڳ رٽائرمينٽ وٺڻ جو لاڙو ڏينهون ڏينهن وڌندو پيو وڃي، جيڪو ٽيسٽ کيڏندڙ سڀني ملڪن لاءِ سنجيده خطرو بڻجي ويو آهي.
ويسٽ انڊيز جي اڳوڻي ڪرڪيٽر نڪولس پوران رڳو 29 ورهين جي عمر ۾ اوچتو عالمي ڪرڪيٽ ڇڏڻ جو اعلان ڪيو، جنهن پاڪستان سميت ڪيئي ملڪن لاءِ هڪ وارننگ قرار ڏنو پيو وڃي.
ذميوار ذريعن موجب، دنيا ۾ اهڙن رانديگرن جو انگ وڌي رهيو آهي، جيڪي پنهنجي ملڪ جي ٽيم انتظاميا سان اختلافن سبب قومي ٽيم مان ٻاهر آهن، اهڙا رانديگر هاڻ هڪ نئين حڪمت عملي تحت انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڇڏڻ کانپوءِ مختلف پرڏيهي ليگز ۾ قسمت آزمائي رهيا آهن.
ڪرڪيٽرن جو چوڻ آهي ته ٽي ٽوئڻٽي ۽ ٽي ٽين ليگز مان کين ايتري آمدني ٿئي ٿي، جو کين هاڻي پنهنجي ملڪ لاءِ کيڏڻ جي ضرورت ئي ناهي رهي، جڏهن ته مختصر فارميٽ سبب سندن راندين وارو ڪيريئر به ڊگهو ٿي سگهي ٿو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي موجوده ٽيم ۾ ڪجهه سينيئر رانديگرن طرفان اندروني سياست جون شڪايتون مليون، جنهن تي خاموشي سان ڪارروائي به ڪئي وئي ته جيئن ڊسيپلن برقرار رهي، هاڻي ساڳيا ئي رانديگر هاڻ پنهنجن ساٿين کي نڪولس پوران جيان انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڇڏڻ جون صلاحون ڏيئي رهيا آهن.
پي سي بي انتظاميا جي پاليسي واضع آهي ته هاڻ ڊسيپلن تي ڪا به سوديبازي نه ٿيندي، رانديگرن کي واضح انداز ۾ سمجھايو ويو آهي ته هو پاڻ کي راند کان وڏو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪن.
ويجهڙائي وارن سالن دوران دنيا جي ڪيئي ڪرڪيٽرن انٽرنيشنل ڪرڪيٽ کي الوداع چيو آهي، پاڪستان جي اڳوڻي ڪپتان معين خان جو پٽ اعظم خان، گذريل سال جون ۾ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کانپوءِ نه ته ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ ۾ نظر آيو آهي ۽ نه ئي سندس نالو قومي ٽيم لاءِ غور هيٺ آهي، هو هاڻي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ جاري رکڻ ۾ به دلچسپي نه ٿو رکي.
اهڙي ريت ٽيسٽ فاسٽ بالر محمد عامر به ٻه ڀيرا عالمي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ ڏني پر هو هاڻ سڄو سال مختلف ملڪن جي ليگز ۾ سرگرم رهي ٿو، جڏهن ته محمد نواز به قومي ٽيم مان ٻاهر ٿيڻ کانپوءِ پرڏيهي ليگز ۾ کيڏي رهيو آهي.
هن وقت دنيا نئين ڪرڪيٽ جي واٽ تي هلي رهي آهي، تنهنڪري مختلف ڪرڪيٽ بورڊز لاءِ ڊسيپلن، پئسي ۽ رانديگرن جي ذاتي مفادن وچ ۾ توازن پيدا ڪرڻ هڪ وڏو چئلينج بڻيل آهي.
You might also like