لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) بنگلاديش ۽ ويسٽ انڊيز خلاف ايندڙ وائيٽ بال سيريز لاءِ اسڪواڊز جي مشاورت مڪمل ڪري ورتي آهي، جڏهن ته ڪجهه اهم رانديگرن جي شامل نه ٿيڻ جو امڪان آهي.
ذريعن موجب، پي سي بي طرفان ويسٽ انڊيز ڪرڪيٽ بورڊ کي ٽن ون ڊي ميچن بدران ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن جي آڇ ڪئي وئي آهي ۽ ميزبان بورڊ جي منظوري جو انتظار جاري آهي.
امڪان آهي ته ويسٽ انڊيز بورڊ طرفان جلد هاڪاري جواب ملي ويندو، جنهن کانپوءِ فوري طور تي اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ ۾ وڏين تبديلي جي اميد نه آهي، اسپنر سفيان مقيم جي نالي تي غور ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته بابر اعظم، محمد رضوان ۽ شاهين شاهه آفريدي جي واپسي ڪو به امڪان نه آهي.
پي سي بي پراميد ته ويسٽ انڊيز بورڊ طرفان ون ڊي بدران ٽي ٽوئنٽي سريز جي آڇ قبول ڪئي ويندي، جنهن کانپوءِ بنگلاديش ۽ ويسٽ انڊيز خلاف مجوزه سيريز لاءِ مڪمل اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويندو.