سون هزارين رپيا مهانگو ٿي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ سون جي اگهه ۾ اڄ يڪدم هزارين رپيا واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، اڄ ملڪ ۾ في تولو سون چار هزار رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ ٽه لک ڇاونجاهه هزار نوَ سئو رپين جو ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن موجب، ڏهه گرام سون پڻ 3430 رپيا واڌ بعد 3 لک 5 هزار 984 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ به في اونس سون ٽيهه ڊالر اضافي سان 3375 ڊالرز جو ٿي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.